حسينيءَ جو نَهرو

حسينيءَ جو نَهرو: هي ڪافي ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي. اڙانيءَ وانگر مڌم کان شروع ٿئي ٿي. اڙانيءَ کان هن ۾ ڪانڙي جو انگ زياده آهي. اڙاني، ميگهه، حسيني، شهانو، سوها سگرائي، سورملهار راڳن ۾ سارنگ جو انگ گهڻو ٿئي ٿو. هن ۾ تار اسٿان جو کرج سٺو لڳندو آهي. ڌيوت ۽ گنڌار جي گهٽ وڌ استعمال سان انهن راڳن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري سگهبو آهي. هن بابت لڇن گرنٿ ۾ هن راڳڻيءَ جي آروهي سمپورن ۽ امروهيءَ ۾ نکاد ورج لکيل آهي. هڪ ٻئي گرنٿ سار امرت ۾ آروهي ۽ امروهي ٻئي سمپورن ڄاڻايل آهن. هيءَ مسلمانن جي ايجاد ڪيل راڳڻي آهي. هن جي ڳائڻ جو وقت رات جو ٽاڻو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو